اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذربائيجان جي نائب پرڏيهي وزير النور ممدوف سان پاڪستان آذربائيجان ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ??ئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌي?? مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيهي سيڪريٽري آذربائيجان جي ڪا??وباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ??ندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير اليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ??ئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون