اسلام آباد -01 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون ڪيو ۽ ??يد??لاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم شهباز شريف ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي کي ??يد??لاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم ايران جي قيادت ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن ??و اظهار ڪيو. ايران جي صدر ابراهيم رئيسي پاڪستان جي قيادت ۽ عوام کي عي?? جي جوابي مبارڪ ڏني ۽ خيرسگالي جي جذبن ??و اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀائر پاڙيسري ملڪن وچ ۾ به طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سرحد تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ تي ٻه طرفي معاشي ۽ واپاري سهڪار کي هٿي ڏيڻ ڏانهن هڪ قدم قرار ڏنو. ايران جي صدر ٽيليفون ڪرڻ ۽ عي?? جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جو ٿورو مڃيو. وزيراعظم شهباز شريف آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي پڻ ٽيليفون ڪيو ۽ عي?? جون مبارڪون ڏنيون. وزيراعظم آذربائيجان جي عوام ۽ حڪومت لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. صدر الهام عليوف پڻ خيرسگالي جي جوابي جذبن ??و اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي آذربائيجان جي دوري جو حوالو ڏيندي ٻه طرفي سهڪار جي عمل کي تيز بڻائڻ جو عزم ظاهر ڪيو. وزيراعظم آّذربائيجان سان ايل اين جي فراهمي جو عمل تيز ڪرڻ جي اميد جو پڻ اظهار ڪيو. صدر الهام عليوف ٽيليفون ڪرڻ ۽ عي?? جون مبارڪون ڏيڻ تي وزيراعظم شهبازشريف جو ٿورو مڃيو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جو ايران ۽ آذربائيجان جي صدرن کي ٽيليفون، عيدالاضحيٰ جون مبارڪون ڏنيون
مضمون کا ماخذ : خلائی جنگیں