نوابشاھه-13 جون (اي پي پي) ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڊويزن محمد عباس بلوچ جي صدارت هيٺ سامونڊ?? طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ امڪاني تيز هوائن ?? برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ اجلاس سندس آفيس ۾ ٿي گذريو اجلاس ۾ ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو، ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو فياض حسين ??اه??جو، ڊپٽ?? ڪمشنر شهيد بينظيرآباد ڪنول نظام، ڊائريڪٽر هيلٿ سروسزڊاڪٽر غلام مصطفى، ايڊيشنل ڊائريڪٽر لوڪل گورنمنٽ عبدالستار راٺوڙ، ڊپٽي ڊائريڪٽر دلشاد احمد عمراڻي شرڪت ڪئي جڏهن ته ڊپٽ?? ڪمشنر سانگهڙ محمد اسحاق گاد ۽ ڊپٽ?? ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪند?? ڪمشنر محمد عباس بلوچ چيو ته موسميات کاتي پاران سامونڊ?? طوفان کانپوءِ ڊويزن ۾ ۾ تيز برساتن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي انهي لاءِ ٽنهي ضلعن جا ڊپٽ?? ڪمشنر امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ ۽ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻن جڏهن ته پنهنجي ضلعن جي لاڳاپيل کاتن جي عملدارن ۽ عملي جون موڪلون رد ڪندي کين هيڊ ڪوارٽر ۾ رهڻ جو پابند بڻائين هن کين اها پڻ هدايت ڪئي ته هو ضلع ۽ تعلقي سطح تي ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ سميت گهربل مشينري کي فعال بڻائين جڏهن ته ضلع جي ننڍن وڏن شهرن مان فور?? طور تي بل بورڊ هٽائڻ، پمپنگ مشينن کي چالو حالت ۾ رکڻ، ڊرينيج نالن جي صفائي ۽ زبون جائين کي خالي ڪرائڻ لاءِ پڻ قدم کڻن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ڪمشنر آفيس ۽ ٽنهي ضلعن جي ڊي سي آفيسن ۾ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪيا ويندا ڪمشنر ڊائريڪٽر هيلٿ سروسز کي هدايت ڪئي ته قومي شاهراه تي قائم دولتپور اسپتال سميت ٽنهي ضلعن جي صحت مرڪزن ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جئين ڪنهن به ايمرجنسي کي فور?? طور منهن ڏئي سگهج?? ڪمشنر لوڪل گورنمينٽ کاتي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو سمورن ٽائون آفيسرن ۽ يوسي سڪيريٽرين کي پابند بڻائين ته برسات کانپوءِ پاڻي جي نيڪال لاءِ قدم کڻن اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آئي جي پوليس محمد يونس چانڊيو چيو ته امڪاني برساتن جي پيش نظر ٽنهي ضلعن جي ايس ايس پيز کي ضلع انتظاميه سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ ۽ ايمرجنسي ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ لاءِ هدايتون ڏنيو ويون آهن اجلاس ۾ ٽنهي ضلعن جي ڊپٽ?? ڪمشنرن پاران سامونڊ?? طوفان کانپوءِ امڪاني برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهي ڏني وئي.
ڪمشنر شهيد بينظيرآباد جي صدارت هيٺ سامونڊي طوفان بائپر جوائي ڪري ڊويزن جي ٽنهي ضلعن ۾ امڪاني تيز هوائن ۽ برساتن کي منهن ڏيڻ لاءِڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿي گذريو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ