اسلام آباد-09 سيپٽمبر(اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ ٿيندڙ 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس (سي وائي ايم ايم) جي صدارت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب دولت مشت??ڪه سيڪريٽريٽ ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس منعقد ڪري رهيو آهي. پا??ستان ان اجلاس جي صدارت سنڀالي رهيو آهي ۽ هو ايندڙ سال ساموا ۾ ٿيندڙ دولت مشت??ڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس کان پهرين ايجنڊا ترتيب ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اجلاس جو ٿيم ؛ ايم هائر: ڊليورنگ مور فار ينگ پيپل ان دي ڪامن ويلٿ؛ آهي، جيڪو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن سان هم آهنگ آهي. نگران پرڏيهي وزير جي لنڊن وزارتي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ وزيرن ۽ دولت مشت??ڪه جي اعليٰ عهديدارن سان به ملاقات متوقع آهي. پا??ستان دولت مشت??ڪه ۽ ان جي فليگ شپ ڪامن ويلٿ يوٿ پروگرام کي ت??ام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪو ان جي 50هين سالگرهه جي موقعي ت?? ٿي رهيو آهي. بيان موجب پا??ستان نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ ۽ بامعنيٰ مشغوليت لاءِ پرعزم آهي، خاص طور تي جڏهن دولت مشت??ڪه ۽ حڪومت پا??ستان 2023ع تي نوجوانن جي سال جي طور تي ملهائي رهي آهي، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۾ تعليم، روزگار، انگيجمينٽ ۽ ماحوليات جي چئن بنيادي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي اهي جن تي ايندڙ اجلاس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.
جليل عباس جيلاني لنڊن ۾ رٿيل 10 هين ڪامن ويلٿ يوٿ وزارتي اجلاس ۾ 12 کان 15 سيپٽمبر تي لنڊن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی