اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ??هي ته نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ م??سٽ??ز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ??ه پاڪستان ٽن ڏهاڪن کانپوءِ ان فورم جي صدارت ڪري رهيو ??هي، اجلاس ۾ دولت مشترڪه جي 56 ملڪن جا وزير ۽ نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن. هن چيو ??ه ميٽنگ جو ٿيم ”امنگ هائر“ ڊيليورنگ مور فار دي ڪامن ويلٿ“ آهي. ترجمان چيو ??ه دولت مشترڪه جي اجلاس ۾ نوجوانن جي لاءِ مشغوليت، تعليم، روزگار ۽ ماحول جي ذريعي بهت??ين طريقن ۽ پاليسي ۾ هم آهنگي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير پرائيم م??سٽ?? يوٿ پروگرام جي ذريعي نوجوانن جي ترقي ۾ پاڪستان پاران کنيل قدمن کي پيش ڪ??و، جيڪو پٺتي پيل نوجوانن بشمول ڇوڪرين، اقليتن ۽ معذورن کي بااختيار بڻائڻ کي ترجيح ڏي ٿو. ترجمان چيو ??ه نگران پرڏيهي وزير اجلاس دوران نوجوانن جي تربيت ۽ صل??حي?? ۾ اضافي جي لاءِ پاڪستان جي پروگرامن ۽ هائي ٽيڪ صنعتن، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي ۽ ماحولياتي تحفظ ۾ انهن جي وڌندڙ شموليت تي پڻ روشني وڌي.
نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني هن وقت ڏهين ڪامن ويلٿ يوٿ منسٽرز اجلاس جي لاءِ لنڊن ۾ آهي: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania