اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر قانوندان ۽ دانشور ايس ايم ظفر جي ل??ڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايس ايم ظفر جي ل??ڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ايس ايم ظفر هڪ وڏو قانوندان ئي نه پر هڪ شائسته انسان پڻ هو. هن چيو ته مرحوم ملڪي ۽ عالمي ڪيسن ۾ اهم ڪاميابيو?? حاصل ڪيون، مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria