اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ هڪ اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي مذمت ڪندي ان عزم کي ورجايو ويو آهي ته ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ سندن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سين??ٽر ڪامل علي آغا 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي غاصباڻي ق??ضي جي مناسبت سان ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ق??ارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو و??و ته هي ايوان ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ بي رحماڻي ڀارتي دهشتگردي، ڀارتي فورسز جي هٿان ۽ بيگناهه ڪشميرين جي ق??ل عام ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي شديد مذمت ڪري ٿو. قرارداد ۾ اهو پڻ چيو و??و ته هي ايوان انساني حقن واري ڪميشن کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارت جي غير قانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين جي جائزي لاءِ انڪوائري ڪميشن جوڙيو وڃي. والاريل وادي ۾ ڀارت طرفان جعلي چونڊن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن جي خلاف ورزي آهي. هي ايوان مطالبو ڪري ٿو ته ڪشميرين کي سندن امنگن ۽ گڏيل قومن جي ق??اردادن موجب آزاداڻي، منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان راءِ جو حق ڏنو وڃي. قرارداد ۾ چيو و??و ته هي ايوان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو. ان کانپوءِ سينيٽ اتفاق راءِ سان ٺهراءُ جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چ??و ته ان ٺهراءُ جي ڪاپي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ٻين ملڪن جي پارليامينٽن ڏانهن موڪلي وڃي.
ڪشميرين جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، سينيٽ پاران اتفاق راءِ وارو ٺهراءُ منظور
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا