مڪو شريف_20 اپريل(اي پي پي) مسجدالحرام ۾ ختم القران منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ 25 لک مسلمانن شر??ت ڪئي. الحرمين انتظاميا پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسجدالحرام ۾ ختم القران منعقد ٿيو جنهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 25 لک مسلمانن شر??ت ڪئي. مسجدالحرام نمازين سان ڀرجي وڃڻ کانپوءِ ٻاهرين صحن ۾ پڻ وڇايون ويون . انتظاميا ٻڌايو ته پرڏ??هي ملڪن سميت سعودي عرب مان پڻ وڏي تعداد ۾ زائرين مسجدالحرام جو رخ ڪيو. جڏهن ته ساڳي صورتحال مسجد نبوي جي رهي جتي ٽپهري کان پوءِ حرم نمازين سان ڀرجي ويو. انتظاميا چيو ته زائرين جي وڏي تعداد کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ انتظاميا پوري طاقت سان ڪم ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : مصر کی میراث