واشنگٽن-04 جنوري (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي ايران جي شهر ڪرمان ۾ جنرل قاسم سليمان جي ورسيءَ جي تقريب ۾ ٿيل بم ڌماڪن ۽ لبنان جي گاديءَ واري هنڌ بيروت ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ آمريڪا جي ملوث هئڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي رشيا ٽوڊي مطابق آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صحافين کي ٻُڌايو ته ايران جي شهر ڪرما?? ۾ ??يل بم ڌماڪن ۽ بيروت ۾ ٿيل ڊرون حملي ۾ آمريڪا جو ڪو ڪردار ناهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پهرين ڳالهه ته اها آهي ته آمريڪا ڪنهن به طرح ڪرما?? ۾ ??يل ڌماڪن ۾ ملوث نه هو ۽ ٻي ڳالهه ته اسان وٽ اهو يقين ڪرڻ جي ڪا وجهه ناهي ته اسرائيل ان ڌمڪا?? ۾ ??لوث هو. ترجمان بيروت جي ڀرپاسي علائق?? ۾ ??يل ڊرون حملي ۾ ڪنهن به آمريڪي جي ملوث هئڻ کان به انڪار ڪيو. هوڏانهن حزب الله سان گڏوگڏ لبناني سيڪيورٽي عملدارن به بيروت ۾ ٿيل ڊرون حملي جو الزام اسرائيل تي لاڳو ڪيو. فرانس 24 مطابق ايراني صدر جي ڊپٽي چيف آف اسٽاف فار پوليٽيڪل افيئرز محمد جمشيري ايڪس تي جاري بيان ۾ ڪرما?? ۾ ??يل ڌماڪن جي ذم??وا??ي آمريڪا ۽ اسرائيل تي لاڳو ڪئي آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران ايران ۾ بم ڌماڪن ۽ بيروت ۾ ڊرون حملي ۾ ملوث هئڻ جي الزامن جي ترديد
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر