نيويار?? -29 مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قا??م ٿي ويا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۾ تقريب جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير راڪم ۽ اوڀر ڪيريبين ۾ واقع ويسٽ انڊيز جي ٻيٽ جي ملڪ سينٽ لوشيا سان سندس هم منصب مينيسا ريمبالي ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن کي باضابطا بڻائڻ لاءِ سندن حڪومتن طرفان ??ڪ گڏيل پڌرنامي تي ??حيحيون ڪيون ويون. ان ??وقعي تي پاڪستاني نمائندي ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن دولت مشترڪه سميت گهڻ رخي فورمز تي ??هڪار ڪري رهيا آهن. هن چيو ته باضابطا لاڳاپن جي قيام سان ٻه طرفي لاڳاپن خاص طور تي واپار، سياسي سهڪار جي شعبن ۽ سياحت کي هٿي ملندي. ان ??وقعي تي ??ينٽ لوشيا جي سفير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي هڪ نئين پر اهم باب جي شروعا تي ??وشي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ويسٽ انڊيز جي اڳوڻي اسٽار ڪرڪٽر ڊيرن سيمي جنهن جو تعلق سينٽ لوشيا سان آهي، هڪ اعزازي پاڪستاني شهري به آهي جيڪو سدائين پاڪستان ۽ اتان جي عوام جي مهمان ??وازي بابت ڳالهيون ڪندو آهي. سفير تقريب جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستاني نمائندي جو شڪريو به ادا ڪيو.
پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا وچ ۾ باضابطا طور سفارتي لاڳاپا قائم
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج