واشگٽن – 26 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي نائب ص??ر ڪملا هيرس غزه جي حوالي سان آمريڪي پاليسي ۾ وڏي تبديلي جو اشارو ڏيندي صدر جوبائيڊن جي ابتڙ سخت لهجو اختيار ڪندي اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو تي زور ڀريو آهي ته هو غزه ?? جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۾ مدد ڪري. اي ايف پي مطابق اسرائيلي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ جاري بيان ۾ ڪملا هيرس چيو ته غزه ?? جنگ جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي. ڪملا هيرس امڪان?? طور ايندڙ صدار??ي چونڊ ۾ ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي اميدوار هوندي. ڪملا هيرس غزه ۾ انساني بحران جي حوالي سان سخت لهجي ۾ کلي نموني ڳالهائيندي چيو ته گذريل 9 مهينن دوران غزه ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو آهي اهو تباهي پکيڙيندڙ آهي. آمريڪي نائب ص??ر چيو ته اسان وڏي انگ ۾ ماڻهن جي ڏکيائين جو شڪار ٿيڻ تي پاڻ کي بي حس ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون ۽ هو مستقبل ۾ ان تي خاموش نه رهنداسين. هن فلسطيني رياست جي قيام جو مطالبو به ڪيو ۽ غزه ?? جنگ بندي ۽ ڌرين کي يرغمالين جي آزادي جي معاهدي تي اتفاق ڪرڻ تي زور ڀريو. ڪملا هيرس واضح ڪيو ته هوءَ غزه تي اسرائيل جي فوج جي موجودگي مان مطمئن ناهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي جو وقت اچي چڪو آهي: آمريڪي نائب صدر
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ