گڏيل قومون-06 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئو??سل افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ۾ گذريل ڏينهن ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي آهي جنهن جي ذميواري داعش خراسان قبول ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب سلامتي ڪ??ئو??سل جي ميمبرن گذريل ڏينهن پريس بيان ۾ ڪابل ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو فوت ۽ زخمي ٿيا. سلامتي ڪ??ئو??سل جي ميمبرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته دهشتگردي پنهنجي سمورين شڪلين ۾ افغانستان سان گڏوگڏ دنيا ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ سنگين خطرن مان هڪ آهي. هن زور ڀريو ته دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث عنصرن، مالي مدد ۽ سرپرستي ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن تي زور ڀريو ته اهي عالمي قانونن ۽ سلامتي ڪ??ئو??سل جي لاڳاپيل ٺهرائن تحت پنهنجي ذميوارين موجب ان سلسلي ۾ سمورن لاڳاپيل عملدارن سان فعال تعاون ڪن.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران ڪابل ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت