بيجنگ-25 سيپٽمبر (اي پي پي) چين ماٺي سمنڊ ۾ بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. چين جي دفاع واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ??اڪيٽ فورس 25 سيپٽمبر ا??بع تي 8 لڳي 44 منٽن تي بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائيل جنهن تي هڪ ڊمي وار هيڊ نصب ڪيو ويو هو، جو تجربو ڪيو، ميزائيل ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل هدف کي نشانو بڻايو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ??ها ٽيسٽ لانچ سالياني تربيتي منصوبي جو معمول جو حصو آهي. جڏهن ته ??ها ڪنهن ملڪ يا هدف خلاف ناهي. واضح رهي ته چين وٽ 500 آپريشنل وار هيڊ موجود آهن ۽ 2030ع تائين انهن جو انگ هڪ هزار تائين پهچڻ جو امڪان آهي.
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری