گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي)دنيا ۾ هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت کي سندس ويجهن ساٿين يا خاندان جي ٻين ماڻهن هٿان ??تل ڪيو ويندو آهي. عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي ??تل ڪيو ويو. 60 سيڪڙو عورتن جو ??تل ويجها ساٿي يا خاندان جا ٻيا ماڻهو ڪندا آهن. 25 نومبر تي عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري ??المي ڏينهن جي موقعي تي گڏيل قومن جي ٻن ايجنسين يو اين وومين ۽ گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏو??ن بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) طر??ان تيار ڪيل ٻن رپورٽن فيميسائيڊز ان 2023 فيملي ميمبر فيميسائيڊ ۾ مرتب ڪيل دستياب انگن اکرن مان خبر پوي ٿي ته عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 عورتن ۽ ڇوڪرين کي ڄاڻي واڻي ??تل ڪيو ويو. گڏيل قومن جي عورتن، منشيات ۽ ڏو??ن بابت آفيس چيو آهي، ته عالمي سطح تي 2023ع دوران اٽڪل 51 هزار 100 عورتن ۽ ڇوڪرين جي موت جو ذميوار هڪ ويجهو ساٿي يا خاندان جو فرد هو. گڏيل قومن مطابق اهو انگ 2022ع ۾ 48 هزار 800 هو جڏهن ته گذريل سال ان ۾ اضافو ٿيو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ساٿين ۽ خاندان هٿان سڀني کان وڌيڪ عورتون آفريقا ۾ ??تل ٿيون، ان کان پوءِ آمريڪا ۽ اوشيانا جو نمبر اچي ٿو. يورپ ۽ آمريڪا ۾، گهريلو تشدد ۾ مارجي ويل اڪثر عورتن جي شرح (ترتيب وار 64 سيڪڙو ۽ 58 سيڪڙو) آهي.
عالمي سطح تي 2023ع ۾ 85 هزار عورتن ۽ ڇوڪرين کي قتل ڪيو ويو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ