ماسڪو – 09 ڊسمبر (اي پي پي) روس چيو آهي ته ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ نيٽو جي توسيع جي مخالفت ڪريون ٿا. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روسي نائب پرڏيهي وزير آندري روڊينڪو والڊائي ڊسڪشن ڪلب جي 15 هين ايشيائي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته روس ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي قيمت تي نيٽو جي توسيع جي مخالفت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان ان خطي جي عسڪريت پسندي نٿ?? چاهيون ۽ نه ئي نيٽو کي دنيا جي ان حصي تائين ڦهلائڻ چاهيون ٿا. هن نوٽ ڪيو ته علائقائي شراڪت دارن سان روس جو سه??ار اڄ جي حقيقتن مطابق آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان سمجهون ٿا ته ايشيا هڪ تعميري نظريي، امن، استحڪام ۽ اقتصادي ترقي جو مستحق آهي جيڪو شنگهائي سه??ار جي تنظيم، ??سي??ن ۽ يوريشيا جي ٽن سرگرم تنظيمن ۾ سه??ار جي هدفن مطابق آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ خریدیں