اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??ان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ملڪ ۾ جمهوريت جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ گمنام هيروز جي ياد ۾ پارليامينٽ جي لان ۾ يادگار جو افتتاح ڪيو. هنن گڏيل طور تي تختي جي نقاب ڪشائي ڪئي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ جمهوري نظام جي مضبوطي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين م??ان رضا رباني چيو ته پنهنجي هيروز ۽ ملڪ، قدرن ۽ جمهوريتن جي نصب ال??ين جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي وساري ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي. سينيٽ چيئرمين سينيٽر م??ان رضا رباني ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق شهيدن جي يادگار تي گل چاڙهيا ۽ جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندڙ ڪارڪنن ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سارجنٽ ايٽ ??رم?? شهيدن کي گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو. افتتاحي تقري?? ۾ ??ڏي انگ ۾ پارليامينٽ ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
پارليامينٽ هائوس ۾ گمنام شهيدن جي يادگار جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ