نيويارڪ – 22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آمريڪا جو دورو تمام گهڻو مثبت رهيو، پاڪستان جو موقف وڏي موثر انداز ۾ پيش ڪيو، ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جو موقف ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪيو، آمريڪي صدر سان آجياڻي تي غير رسمي ملاقات ٿي، مختلف ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ٿيون، پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي ک?? دنيا تسليم ڪيو آهي، افغانستان ۾ جنگ جي ذريعي امن ممڪن نه آهي، افغان عوام کي پاڻ و??هي ڪري مسئلي جو حل ڪڍڻو پوندو. هو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 72 هين اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، پرڏ??هي وزير خواجه محمد آ??ف ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائنده ڊاڪٽر مليحه لوڌي به ان موقعي تي موجود هئا
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن