اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته موجوده جمهوري حڪومت 17 سالن کانپوءِ صحافين جي لاءِ اٺين ويڄ ب??رڊ جي جوڙجڪ مڪمل ڪري ورتي آهي، آئين ۽ قانون موجب اٺون ويڄ ب??رڊ لاڳو ڪيو ويندو، صحافي پنهنجي حق کان محروم هئا، صحافين ج?? قلم جي طاقت جمهوريت کي پنهنجي پيرن تي بيهاري رکيو آهي. هو نيشنل پريس ڪلب ۾ اٺين ويڄ ب??رڊ جي نوٽيفڪيشن جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. ان موقعي تي صحافتي تنظيمن جي عهديدارن ۽ صحافين جو وڏو انگ موجود هو. مملڪتي وزير چيو ته جولاءِ ۾ پاڪستان ۾ جمهوريت جا 10 سال مڪمل ٿيڻ وڃي رهيا آهن، مون کي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين تمام گهڻي عزت ڏني، اٺين ويڄ ب??رڊ جو اعلان منهنجي لاءِ هڪ اعزاز آهي.
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک