اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) پارليامينٽ جي ميمب??ن ڪرتار پور سرحد کي سک برادري لاءِ کولڻ جي فيصلي کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني قيادت ان مثبت فيصلي سان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو ڏکڻ ايشيا ۾ امن لاءِ سنجيده آهي، ڀارت هٺ ڌرمي بدران ڪش??ير سميت ٻين ??سئلن تي پاڪستان سان ڳالهه ٻولهه ڪري. پاڪستان تحريڪ انصاف جي ق??مي اسيمبلي ميمبر فاروق اعظم ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪرتار پور بارڊر کي سکن لاءِ کولڻ ۽ کين عبادت لاءِ گوردواره درٻار صاحب تائين پ??چ ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان امن جي ڪوششن لاٰءِ سنجيده آهي.
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔