اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري خطي ۽ عالمي سطح تي درپ??ش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي، سندس بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر پنهنجي سياست جي لاءِ عوام جي زندگين سان نه کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو فورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ادارن کي تباهه ڪري ??ڏيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، پاڪستان جي عوام باشعور آهي، ملڪي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻائي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي لاءِ ادارن کي ??فل??ج ڪيو، پنهنجي منشور تحت اسان ادارن ۾ سڌارا آڻي سروس ڊليوري بهتر بڻائي رهيا آهيون.
خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس سبب درپيش حالتن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا