اس??ام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان يوم عاشور 10 محرم الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جگر گوشه بتول رضه، نواسه خاتم النبيين صلعي الله عليه وعلي آله و اصحٰبه وسلم، امامِ عالي مقام حضرتِ امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي شهادتِ عظميٰ جي بي مثال ۽ لازوال قربان?? جي ياد کي تازو ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ يوم عاشور مختلف لحاذن کان وڏي اهميت رکندڙ آهي تنهن هوندي به تاريخ اس??ام ۾ ان ڏينهن کي هڪ ڌار ??ڪر??م ۽ بلن??ي ۽ خاص اهميت ۽ انفراديت امام عالي مقام جي شهادت ۽ ڪربلا واقعه جي ڪري حاصل ٿي آهي، هن چيو ته ڪربلا جو اهو عظيم معرڪو جيڪو حق ۽ باطل ۾ ٿيو اهو اسان کي اها ڳالهه سمجهائي ٿو ته اس??ام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ اصولن لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي وڏي ڪاميابي آهي، وزيراعظم چيو ته جذبه شبيري مسلمانن جي ايمان ۽ يقين، سچائي ۽ اصول پسند?? جي روايتن کي جلا بخشي ٿو، اهو اس??ام جي ابدي پيغام ۽ جذبه قربان?? جي لازوال ۽ روح پرور روايت جي آبياري جو سرچشمو به آهي جنهن جو مثال انساني تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿو.
ڪربلا جو معرڪو اسان کي اها ڳالهه باور ڪرائي ٿو ته اسلام جي اعليٰ قدرن جي فروغ ۽ احيا لاءِ ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪرڻ ئي عزيمت ۽ ڪاميابي آهي: وزيراعظم جو يوم عاشور جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب