اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، زرعي شعبي جو فروغ ۽ آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ملڪي معيشت ۾ زراعت جي اهميت جي باوجود ماضي ۾ ان شعبي کي جديد رخ?? تي قائم ڪرڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ کي نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو اسان جي آبادگارن ۽ ملڪي معيشت کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ملڪ جي زرعي شعبي جي بحالي جي حوالي سان سڌارن بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پرڏيه?? و??ير شاهه محمود قريشي، اقتصادي معاملن واري وفاق?? و??ير مخدوم خسرو بختيار، ناڻ?? و??ري وفاق?? و??ير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽ?? و??ري وفاق?? و??ير س??د فخر امام، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، پنجاب جي وڏ?? و??ير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏ?? و??ير محمود خان، خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف، ڊاڪٽر وقار مسعود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي صوبائ?? و??يرن مخدوم هاشم جوان بخت، محمد سبطين خان، حسين جهانيان گرديزي، سيد صمصام حسين بخاري، سردار حسنين بهادر دريشڪ، تيمور س??يم جهڳڙا، سيد محمد اشتياق، نجي شعبي جي نمائندن ۽ لاڳاپيل کاتن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪي مجموعي پيداوار ۾ زرعي شعبي جو حصو موجوده صلاحيت کان گهٽ آهي. اهڙي طرح ڪڻڪ، چانور، مڪئي، ڪپهه ۽ ڪمند جي پيداوار به خطي جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موثر حڪمت عملي ۽ آبادگارن کي مالي ۽ فني مدد جي فراهمي سان زرعي پيداوار جي تناسب کي سال 2031ع تائين 74 ارب ڊالر تائين وڌائي سگهجي ٿو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سال 2020ع ۾ ملڪي مجموعي پيداوار ۾ زرعي شعبي جو حصو 49 ارب ڊالر رهيو جنهن ۾ 31 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ، هڪ ارب فشريز، جڏهن ته 17 ارب ڊالر زرعي فصلن جي مد ۾ رڪارڊ ڪيو ويو. سال 2000ع ۾ اهو حصو 20 ارب ڊالر هو جنهن ۾ 10 ارب ڊالر لائيو اسٽاڪ جڏهن ته فصلن جو حصو 10 ارب ڊالر هو. ان لحاظ کان گذريل 20 سالن ۾ زرعي فصلن جي پيداوار ۾ صلاحيت موجب سگهه کي استعمال نه ڪيو ويو.
فوڊ سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ، زرعي شعبي جو فروغ ۽ آبادگارن کي جائز حق ڏيارڻ اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena