اسلام آباد – 06 – مارچ (اي پي پي) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي هڪ مضبوط، ترقي يافته ۽ جمهوري پاڪستان گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ اعتماد جي قرارداد جي منظوري کانپوءِ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته وزيراعظم تي ايوان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، توهان کي هن ايو??ن مان وقت سر اعتماد مليو آهي. هاڻي توهان جي ذميواري آهي ته توهان ق??م کي اعتماد ۽ اعتبار ڏيو. توهان جي فيصلن ۾ اتحادين جي راءِ شامل هجڻ به ضروري آهي. اس??ن توه??ن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، اسان رڳو وٺڻ وارا هٿ به نه آهيون اسان جو ڏيڻ وارو هٿ به آهي. پاڪستان ٺاهڻ جو به ڪو مقصد هو اسان چاهيون ٿا ته اهو مقص?? توهان جي هٿان پورو ٿئي.
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina