اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن جو سج طلوع ڪندڙ لنڊن ۾ غروب ٿي چڪا آهن، شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي، شهباز شريف اڳ ۾ طئي ڪري وٺي ته هو پ??رٽي جي ”اندر“ آهي يا وڏي ميان پنهنجن جي ذريعي ”ٻاهر“ ڪري ڇڏيو آهي، پي ايم ايل اين جي سياست کي وڏي ميان ??احب ۽ سندس ڌيءَ دفن ڪري ڇڏيو آهي، اهي پاڪستان ??ي عوام کي بيوقوف نه ٿا بڻائي سگهن، جيڪڏهن اهي اقتدار ۾ هجن ته حڪومت آئيني مدو پورو ڪري، عوام جيڪڏهن اقتدار عمران ??ان کي ڏي ته انهن کي برداشت نه آهي. شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ??ي پريس ڪانفرنس تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جن کي سرڪاري وسيلن ۽ پروٽوڪول استعمال ڪرڻ جي ڏهاڪن تي ٻڌل عادت لڳل هجي ته اهي اقتدار ۽ اختيار کانسواءِ ائين ئي تڙپندا آهن جيئن مڇيءَ پاڻي کانسواءِ. جيڪڏهن ملڪ ۾ اڄ مهانگائي آهي ته ان ??و سبب توهان ??ي اربن کربن جي ڪرپشن ۽ غيرملڪي قرض آهن جيڪي توهان ??اتي مفاد جي لاءِ وٺندا رهيا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا پنهنجي سياسي اناءَ جي تسڪين لاءِ جمهوري نظام سان نه کيڏي، انهن کي اڳوڻي دور ۾ قومي اسيمبلي ۾ ڪيل پنهنجي تقرير ڇو ياد نه اچي رهي آهي؟ پنهنجي هڪ پليٽ حلوي جي لاءِ پوري ديڳ ڇو اونڌي ڪرڻ چاهي ٿو؟ چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ ۽ مريم نواز پنهنجي چاچي شهباز شريف سان ??هو ئي سلوڪ ڪري رهيا آهن جيڪو زرداري ۽ بلاول گڏجي مولانا فضل الرحمان ??ان ??ان ڪيو آهي. مولانا کي پنهنجي اها عزت افزائي ڪڏهن نه وسارڻ گهرجي، مولانا صاحب ۽ شهباز شريف گڏجي متاثرين جي لاءِ انجمن ٺاهين.
شهباز شريف پارٽي جي اندر ٿيندڙ ناانصافي جي ڪاوڙ غيرآئيني ۽ غيرجمهوري مطالبا ڪري نه ڪڍي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب