اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دهشتگردي جي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن کي ٽيليفون ڪئي ۽ پونئيرن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اتر وزيرستان، باجوڙ ۽ ڪرم ضلعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي پونئيرن س??ن ٽيليفونڪ رابطو ڪري انهن س??ن تعزيت جو اظهار ڪيو. هن 20 آڪٽوبر تي باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ لانس نائيڪ مدثر، سپاهي جمشيد خان ۽ سپاهي صمد خان جي گهرڀاتين س??ن افسوس جو اظهار ڪيو. صدر 26 آڪٽوبر تي ڪرم ضلعي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي اسد ۽ سپاهي آصف جي وارثن س??ن پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي 26 آڪٽوبر تي اتر وزيرستان ۾ ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي رمضان خٽڪ ۽ سپاهي روحيل هسين جي گهرڀاتين س??ن پڻ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر ملڪ جي لاءِ شهيدن جي خدمتن ۽ عظيم قرب??ني تي شهيدن ۽ سندن خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر سوڳوار خاندانن س??ن تعزيت جو اظهار ڪندي شهيد جوانن جي درجن جي ب??ندي لاءِ دعا ڪئي.
صدر پاران دهشتگردي خلاف مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي سوڳوار خاندانن سان ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil