اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ من?? لانڊرنگ جي روڪٿام ج?? لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن اسمگلنگ ۽ من?? لانڊرنگ جي روڪٿام جي ق??من جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت دوران ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن شيخ رشيد احمد، اسد عمر، خسرو بختيار، سيد فخر امام، حماد اظهر، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، ايف بي آر جي چيئرمين کانسواءِ سينيئر سول ۽ عسڪري عملدار شريڪ ٿيا. وزيراعظم چيو ته اسمگلنگ جي ڪري ملڪ جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪمند، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ من?? لانڊرنگ جي روڪٿام ج?? لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي انهن ق??من جو مقصد عام ماڻهو کي ري??يف ڏيڻ آهي. ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ فرق اسمگلنگ جي ڪري ٿئي ٿو، اسمگلنگ جي ڪري مصنوعي کوٽ پيدا ٿئي ٿي جنهن جي ڪري قيمتون وڌي وڃن ٿيون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف آءِ اي ڊالر جي من?? لانڊرنگ ۽ غيرقانوني ذخيري جي خلاف وسيع جاچ ڪئي آهي. بارڊر ڪراسنگز تي افرادي قوت وڌائي پئي وڃي ته جيئن مال جي چيڪنگ ۽ چرپر جي ٽريڪنگ ممڪن ٿي س??هي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غيرقانوني پيٽرول جي اسمگلنگ کي روڪڻ ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف آپريشن ۾ سٺي ڪاميابي ملي آهي.
ڪڻڪ، ڀاڻ، کنڊ، اٽي ۽ پيٽرول جي اسمگلنگ ۽ مني لانڊرنگ جي روڪٿام جي لاءِ هنگامي قدم کنيا وڃن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania