اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کان 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وزيراعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي دوري دوران وزيراعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، وزيراعظم بيجنگ ۾ چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ??يڊ??ا جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وزيراعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالم?? ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گيمز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنه?? ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي اولمپڪ گيمز جي انقعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وزيراعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ح??يداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪي??رن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪي??رن ئ?? ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
وزيراعظم 3 کان 6 فيبروري تائين چين جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ