اسلام آباد – 13 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت سا?? ملاقات لاءِ بهادر آباد ۾ واقع ايم ڪيو ايم پاڪستان جي هيڊ آفيس جو دورو ڪيو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ايم ڪيو ايم قيادت وزيراعظم محمد شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو عهدو س??ڀالڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي.
هن عام طور تي سنڌ صوبي ۽ خاص طور تي ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۽ عوام جي ڀلائي ۽ بهتري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت سا?? گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڪراچي سر??لر ريلوي ۽ ڪي فور جهڙن اهم ترقياتي منصوبن جي وقت سر تڪميل تي زور ڏنو ۽ ڪراچي ۾ هڪ نئين يونيورسٽي جي قيام جو اعلان ڪيو،
هن سمورن اتحادي پارٽين جي عوامي ڀلائي ۽ ترقي جي عزم کي ساراهيو. ملاقات ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، سينئر ڊپٽي ڪنوينر عامر خان، سيد امين الحق، ڊاڪٽر فروغ نسيم ۽ ڪنور نويد جميل کانسواءِ قومي اسيمبلي ميمبرن شاهد خاقان عباسي، مريم اورنگزيب، مولانا اسعد محم??د، احسن اقبال ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ملاقات ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه به شريڪ ٿيو.