نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گڏيل قومن جي منشور، اصولن تي پنهنجي وابستگي، اعتماد کي ورجائڻ، انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي، گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي مو??عي تي ثالثي جي ذريعي انساني بحران کان ??چڻ بابت گڏيل قومن جي ثالثي دوست گروپ جي 12 هين وزارتي اجلاس کي ??طاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته بليڪ سي گرين انيشيٽو جي ڪ??ميابي سان ??الثي ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ ترڪيءَ جي صدر اردوان ??ون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن چيو ته تڪرارن جي روڪٿام ۾ گڏيل قومن جو اهم ڪردار آهي، گڏيل قومن جو منشور بحران ??ي تڪرارن جي حل لاءِ هڪ ٺوس فريم ورڪ آهي، تڪرارن جي ڪنهن به مرحلي تي سلامتي ڪ??ئونسل ڌرين کي پنهنجي تڪرارن جي حل جي مناسب طريقيڪار يا طريقن جي سفارش ڪري سگهي ٿي جنهن ۾ منشور جي باب 6 تحت ثالثي به شامل آهي. هن چيو ته آرٽيڪل 37 ۽ 38 تحت سلامتي ڪ??ئونسل جي ڌرين کي ??ل جي شرن جي سفارش ڪرڻ جو اختيار به حاصل آهي، جيڪڏهن اهي ان ??ي درخواست ڪن ٿا يا جيڪڏهن ڪائونسل اهو سمجهي ٿي ته انهن جي وچ ۾ تڪرارن جو جاري رهڻ ۽ حقيقتون عالمي امن ۽ سلامتي جي قيام کي ??طري ۾ وجهي سگهن ٿا، سلامتي ڪ??ئونسل ان ??نيادي مينڊيٽ تي عملدرآمد جي لاءِ ثالثي ڪرڻ جي لاءِ ذيلي ادارا به قائم ڪيا آهن. هن چيو ته منشور تي صحيحون اٽڪل 77 سالن کانوءِ امن ۽ سلامتي کي ??رپيش چئلينجز ۽ خطرا وڌيڪ پيچيده آهن پر چارٽر جي مقصدن ۽ اصول بدستور درست ۽ ناقابل تغير آهي، انهن اصولن تي پنهنجي وابستگي ۽ اعتماد کي ورجائڻ ۽ انهن اصولن جي بنياد تي وڏي ۽ ننڍين رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سيڪريٽري جنرل جو امن جي لاءِ سفارتڪاري ۾ اضافي جو بار بار مطالبو فوري ۽ اهم آهي ۽ سفارتڪاري جي ان مقصد کي ??اصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن کي ??ڪرارن جي حل لاءِ ثالثي سميت ٻين ذريعن کي ??ستعمال ۾ آڻڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ گڏيل قومن کي ??ڪرارن جي سياسي حل ۾ ثالثي ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي ڪ??ميابيون مليون آهن پر ان کي وڌيڪ ڪاميابين جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار ڪائونسل جي ايجنڊا تي پراڻن تڪرارن مان هڪ آهي، شروع ۾ سلامتي ڪ??ئونسل فيصلو ڪيو ته رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو حتمي فيصلو عوام جي امنگن موجب حل ڪيو ويندو جنهن جو اظهار جمهوري طريقي سان گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ آزاداڻي ۽ غيرجانبدراڻي راءِ شماري جي ذريعي ڪيو ويندو، سلامتي ڪ??ئونسل ڄمون ۽ ڪشمير بابت پنهنجي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ ڪيترائي مڪينزم به قائم ڪيا، انهن ۾ گڏيل قومن جي ڀارت ۽ پاڪستان ??ابت ڪميشن، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ گڏيل قومن جي فوجي مبصر گروپ جي مقرري ۽ پاڪستان ۽ ڪيترن ئي خصوصي نمائندن جي مقرري شامل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بدقسمتي سان گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ گڏيل قومن جي مڪينزم جي ڪوششن ۾ رڪاوٽون وڌيون، ڀارت جي غيرقانوني قدمن جو تسلسل 5 آگسٽ 2019ع تي ۽ ان کانپوءِ کان ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقي کي قانوني جواز يا راءِ شماري کانسواءِ الحاق ڪرڻ جي هڪطرفي قدمن مان ??اهر ٿيو، ان مقصد جي لاءِ پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪ??ئونسل ۽ سيڪريٽري جنرل پاران وڌيڪ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي. هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي منشور جي آرٽيڪل 99 تحت ثالثي جي قدمن کي ??ستعمال ۾ آڻي ته جيئن ڀارت کي پنهنجي هڪطرفي قدمن کي واپس وٺڻ ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرارن جي منصفاڻي حل تي عملدرآمد تي راضي ڪ??ي سگهجي، ان ??ڪرار بابت سلامتي ڪ??ئونسل جي قراردادن ۽ گڏيل قومن جي منشور تي عملدرامد جي لاءِ سلامتي ڪ??ئونسل کي ??يڪريٽري جنرل جي مڪمل حمايت ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان کي هن گروپ جو ميمبر هجڻ تي فخر آهي.
گڏيل قومن جي منشور موجب رياستن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل کي فروغ ڏيڻ ضروري آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیک پاٹ