اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪس??ان اچڻ نه رڳو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ پر پاڪستاني ناظرين، شوقينن ۽ عوام جي لاءِ مثبت سرگرمي جو سبب بڻي آهي. برطانيا جي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعزاز ۾ ڏنل تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه اعزاز جوڳي آهي ته 2005ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽيسٽ سيريز جي لاءِ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم پاڪس??ان آئي آهي. هن چيو ته ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ ضروري آهي ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ٽيمون پاڪس??ان اينديون رهن. مريم اورنگزيب چيو ته ٽيسٽ سيريز ڪرڪيٽ جي اصل روح آهي، ڪرڪيٽ تي سياست ناهي ٿيندي، پاڪس??ان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ پاڪس??ان ۾ ٽيسٽ سيريز منعقد ڪرڻ جي لاءِ برطانوي هاءِ ڪمشنر، پاڪس??ان حڪومت ۽ وزيراعظم آ??يس جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. هن انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي پاڪس??ان جي دوري تي پاڪستاني عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان نوجوانن ۾ مثبت سرگرمي ڏسي سگهجي ??ي. ??طلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيفا ورلڊ ڪپ جا مئچز به ٿي رهيا آهن، پاڪس??ان جا نوجوان مثبت سرگرمين ۾ مشغول آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڊپارٽمينٽل اسپورٽس به ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي، جيڪو هڪ سٺو قدم آ??ي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪس??ان ۾ انٽرنيشنل ٽيسٽ سيريز جي بحالي ۽ انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري سان پاڪس??ان جا نوجوان ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تي ڊگهي مدي وارا مثبت اثر پوندا. هن چيو ته ٽيسٽ سيريز سان ٻين عالمي ڪرڪيٽ ٽيمن جو به ڪرڪيٽ تي اعتماد وڌندو. هن چيو ته ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي. پاڪس??ان جو هر ماڻهو ڪرڪيٽ سان دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ انگلينڊ جون بهترين ڪرڪيٽ ٽيمون آهن، تازو ئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به ٻنهي ٽيمن فائنل کيڏيو. هن چيو ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي، جيڪو سٺو کيڏندو اهو ئي کٽيندو. اهو ئي جذبو هجڻ گهرجي. هن ٻنهي ٽيمن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته ٽيسٽ سيريز پاڪس??ان جي عوام لاءِ باڪمال تفريح جا موقعا ثابت ٿيندي.
ڪرڪيٽ اسان جي ڪلچر جو حصو بڻجي چڪي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل