اسلام آباد – 30 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه ايندڙ ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي حوالي ??ان جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ڪندي ڪي??. ترڪيه جي سفير مهمت پچاجي سميت مختلف ملڪن جي سفيرن پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيه واپار سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائي رهيا اهن. هن چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهرا، تاريخي ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور امداد ڪئي، پاڪستان ۾ 2010ع جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ دوران به ترڪيه جي امداد ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون هيون، ترڪيه 2005ع ??ي زلزلي ۾ به پاڪستان جي دل کولي امداد ڪئي هئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ت?? پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائيچاري جي تاريخ ڪافي پراڻي آهي، پاڪستان مان ماڻهن جو هڪ وڏو انگ سير ۽ سياحت جي لاءِ ترڪيه وڃي ٿو. هن چيو ت?? پاڪستان جا ترڪيه ??ان اسٽريٽجڪ لاڳاپا دنيا جي ٻين ملڪن جا جدا آهن. حنا رباني کر چيو ت?? پاڪستان کي پنهنجي ترڪ ڀائرن تي سدائين فخر رهيو آهي، ترڪيه معاشي ۽ سياسي محاذ تي سدائين پاڪستان جي مدد ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مثالي عوامي رابطا آهن. مملڪتي وزير چيو ت?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي ويا آهن. وزيراعظم هن سال جون ۽ نومبر ۾ ترڪيه جو دورو ڪي?? جڏهن ته ملجم پي اين ايس خيبر جو گڏيل افتتاح پڻ ڪي?? ويو. هن چيو ت?? آگسٽ 2022ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سامان جي واپار جي معاهدي تي صحيحون ڪي??ن ويون جنهن جو مقصد 5 ارب ڊالر جي ٻطرفي واپاري ڪاٿي کي حاصل ڪرڻ آهي. ان کان اڳ پاڪستان ترڪه سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي مناسبت ??ان جناح ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ هڪ ڪلچرل نائٽ جو اهتمام ڪي??ويو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت ??ان شرڪت ڪئي. ڪلچرل نائٽ جو اهتمام پرڏيهي وزارت ۽ اسلام آباد ۾ ترڪيه جي سفارتخاني گڏيل طور تي ڪي?? هو جنهن ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀرپور ثقافت کي اجاگر ڪي?? ويو. ان کان اڳ ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه جي موقعي تي پنهنجي پنهنجي پرڏيهي وزارت ۾ هڪ ئي وقت وڻڪاري جون تقريبون منعقد ڪي??ن. اسلام آباد ۾ وڻ پاڪستانجي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير گڏيل طور تي لڳايو جڏهن ته ترڪيه جي پرڏيهي معاملن واري نائب وزير فاروق ڪي??اچي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد انقره ۾ وڻ لڳايو.
پاڪستان ۽ ترڪيه ايندڙ ٽن سالن ۾ گڏيل واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين پهچائڻ جي لاءِ پرعزم آهن: حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : Loteria Instantânea