لاهور – 19 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان روس جي توانائي واري وزير نڪولي شولگينوف جي قيادت ۾ وفد لاهور ۾ ملاقات ڪئي، ٻنهي ??رفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شع??ي جي اهميت تي اتفاق ڪيو، روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي وارن بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب روسي وفد جي آجيان ڪندي وزيراعظم روس سان لاڳاپن جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. هن سيپٽمبر 2022ع ۾ ثمرقند ۾ صدر ولادي مير پيوٽن سان پنهنجي ملاقات کي ياد ڪندي چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اهم فيصلا ڪيا ويا هئا. هن واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ??رفن جي گهري خواهش جو پڻ ذڪر ڪيو. روس جي توانائي وزير وزيراعظم کي روسي صدر ولادي مير پيوٽن جو خصوصي پيغام پهچايو جنهن ۾ صدر پيوٽن پاڪستان کي ڏکڻ ايشيا ۽ اسلامي دنيا ۾ روس جو اهم حصيدار قرار ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ روس جي ڀرپور دلچسپي کي ورجايو. ٻنهي ??رفن ٻطرفي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي ترقي جي لاءِ توانائي جي شع??ي جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ان سلسلي ۾ روس سان پاڪستان جي ڊگهي مدي واري بنيادن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گئس پائيپ لائينز سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم 20 جنوري 2023ع تي اسلام ??باد ۾ ٿيندڙ پاڪ ??وس بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس جي اٺين دور جي معاملن تي رهنمائي فراهم ڪئي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ ۽ وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي پڻ موجود هئا.
وزيراعظم سان روس جي توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ وفد جي لاهور ۾ ملاقات
مضمون کا ماخذ : ماہی گیری کا جنون