اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي)نا??ي واري وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بجيٽ تقري?? ۾ ??يو ته زراعت جو شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ايندڙ مالي سال ۾ ان شعبي لاءِ ڄاڻايل هيٺان قدم کڻڻ جون تجويزون آهن، زرعي قرضن جي حد کي هلندڙ مالي سال ۾ 1800 ارب رپيا مان وڌائي 2250 ارب رپيا ڪيو ويو آهي. هن بجيٽ تقري?? ۾ ??يو ته بجلي/ڊيزل جو بل هاري جو سڀ کان وڏو خرچ هوندو آهي. ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ 30 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته معياري ٻج هي سٺي فصل جو بنياد آهي. ملڪ ۾ معياري ٻج جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ان جي گهرائڻ تي سمورا ٽيڪس ۽ ڊيوٽيز خ??م ڪيا پيا وڃن. اهڙيءَ طرح Sappings گهرائڻ تي ڪسٽم ڊيوٽي خ??م ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته موسمي تبديليءَ سبب هار??يس??نگ جي مدت گهٽ کان گهٽ ٿيندي پئي وڃي، ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن هاري ٽين فصل به کڻي ته ان لاءِ ضروري آهي ته هو پڪل فصل کي جلد سنڀالي. ان لاءِ ڪمبائين هار??يس??رز جي ضرورت آهي. ڪمبائين هار??يس??رز جي استعمال کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هي تجويز آهي ته ان تي سموريون ڊيوٽيون خ??م ڪيون وڃن. هن چيو ته چانور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ خشڪ، رائيس پلانٽرز، سيڊر کي به ڊيوٽي ۽ ٽيڪس کان ڇوٽ جي تجويز آهي. ايگرو انڊسٽري ٻهراڙيءَ جي معيشت ۾ انقلاب جي صلاحيت رکي ٿي. بجيٽ ۾ ايگرو انڊسٽري کي Concessional قرضن جي فراهميءَ ??اءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.
ايندڙ مالي سال ۾ 50 هزار زرعي ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪيو ويندو: اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان