اسلام آباد-19 جون (اي پي پي) مختلف سياسي جماعتن سان تعلق رکندڙ سينيٽ جي ميمبرن ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو. هنن چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کانپوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. سياسي وابستگين س??ن مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحر??ن مان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ رقم رکي ويندي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته ملڪ کي ميثاقِ جمهوريت کان پوءِ هاڻي ميثاقِ معيشت جي ضرورت آهي. آءِ ٽي جو شعبو تي??يءَ سان ترقي ڪري رهيو آهي. ان تي سيلز ٽ??ڪس ۽ ڪيپيٽل گين ٽيڪس گهٽ ٿيڻ گهرجي. تڪرارن ۽ ٽيڪسن جي مسئلن جي حل لاءِ 2 رڪني ڪميٽي ب??ائي وڃي. هن چيو ته ملڪ ۾ توانائيءَ جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سولر انرجي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ شمسي توانائي جي اوزارن تي ٽيڪس ۾ ڇوٽ ڏيڻ گهرجي. سينيٽر فدا محمد چيو ته ملڪ هن وقت مسئلن ۾ گهيريل آهي، سياسي وابستگين س??ن مٿاهون ٿي ملڪ جي معيشت جي بحالي ۽ معاشي بحران کان نڪرڻ لاءِ گڏ ويهڻو پوندو. هن چيو ته ايوان جو تقدس ضروري آهي. تعليم، صحت جي لاءِ فنڊ گهٽ آهن ان ۾ واڌ ڪئي وڃي. سينيٽر عبدالقادر چيو ته ملڪ کي پنهنجن پيرن تي ب??هارڻ لاءِ ماضيءَ ۾ سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ها. ماضيءَ ۾ ملڪي استحڪام بدران پنهنجي حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪيا ويا. ڪرپشن، بدانتظامي ۽ بجلي جي چوريءَ کي ڪنٽرول ڪريون ته گردشي قرضا ختم ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تي??يءَ سان وڌي رهي آهي. معاشي استحڪام لاءِ پاليسيون بنائڻيون پونديون. ڊالر جي قيمت وڌڻ س??ن معاشي بحران وڌي ويو. آءِ ايم ايف س??ن معاملا طئي نه ٿيا ته صورتح??ل وڌيڪ خراب ٿي سگهي. سندس چوڻ هو ته آءِ ٽي ۽ دوائن جي روانگي واپار تي توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ آئينده 10 سالن ۾ روانگي واپار 50 ارب ڊالرن تائين هئڻ گهرجي. ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن ۽ ڊيمن لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن.
سينيٽ اجلاس: مختلف جماعتن سان تعلق رکندڙ ميمبرن ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو ورتو
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo