باڪو – 15 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??ذر??ائيجان گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ ت??اون وڌائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ذر??ائيجان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ??ذر??ائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ڪئي جنهن کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گوادر جي ذريعي ويجهي ملڪن سان واپار جا وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان ۾ شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي ۾ اضافي جا خواهشمند آهيون، اسان ??ذر??ائيجان کي پاڪستاني چانور جي برآمد ۾ اضافو چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته ??ذر??ائيجان جي قومي ايئرلائين اسلام آباد ج?? لاءِ اڏام شروع ڪري رهي آهي. هن چيو ته ??ذر??ائيجان قدرتي وسيلن سان مالامال ملڪ آهي، روس يوڪرين تڪرار جي ڪري عالمي سطح تي شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي، موجوده دور جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هو ??ذر??ائيجان جو دورو ڪري تمام گهڻي خوشي محسوس ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هو ??ذر??ائيجان جي صدر جي ويزن کان تمام گهڻو متاثر آهي، ??ذر??ائيجان سان لاڳاپن جي فروغ کي اهم سمجهون ٿا، ??ذر??ائيجان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کي اجاگر ڪندي چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀارتي ظلم جو شڪار آهي. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ??ذر??ائيجان پاران سدائين پاڪستان جي موقف جي تائيد کي ساراهيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ذر??ائيجان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ??ذر??ائيجان جي صدر الهام عليوف چيو ته ملاقات ۾ گڏيل واپار ۾ اضافي تي اتفاق ٿيو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ مختلف شعبن ۾ ت??اون وڌائڻ جا موقعا موجود آهن. هن ٻڌايو ته ملاقات ۾ ت??ليم، دفاع ۽ توانائي جي شعبي ۾ گڏيل تعاون جي فروغ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن ٻنهي ملڪن جي عوام جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ??ذر??ائيجان جي صدر وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دوري جي آجيان ڪندي چيو ته دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ گڏيل فوجي مشقن ۾ اضافو ڪيو ويندو.
پاڪستان ۽ آذربائيجان پاران گڏيل واپار ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق، موجوده چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: شهباز شريف/ الهام عليوف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر