اسلام آباد – 03 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پوري قوم دهشتگردي جي ان ناسور جي خات??ي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آ??يس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ س??ڪيورٽي فورسز جي 14 اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شه??دن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪ??ي. ??گران وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، شه??دن ملڪ جي حفاظت جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن چيو ته مون سميت پوري پاڪستاني قوم کي پنهنجي شه??دن تي فخر آهي، دهشتگردن جا اهڙا بزدلاڻا حملا پاڪستاني قوم ۽ ان جي رکوالن جا حوصلا ڪڏهن به ڪمزور نه ڪري سگهندا، پوري قوم دهشتگردي جي ناسور جي خات??ي لاءِ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.
نگران وزيراعظم پاران گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي دهشتگردن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت، دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين: انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس