اسلام آب??د ?? 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزا??ت جو ايڊيشنل سيڪريٽري (آفريقا) شهريار اڪبر خان 5 ۽ 6 ڊسمبر تي گهانا جي شهر اڪرا ۾ گڏيل قومن جي منعقد ٿيندڙ امن فوج جي وزارتي ميٽنگ ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو وزارتي اجلاس انه?? اجلاسن جو حصو آهي جن مان هڪ هن سال آگسٽ ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو جن ۾ ”گڏيل قومن جي پيس ڪيپرز جي حفاظت ۽ سلامتي“ تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هن چيو ته ا?? اجلاس ۾ اسان جي شرڪت گڏيل قومن جي امن قا??م ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پائيدار وابستگي کي اجاگر ڪري ٿي جنهن جي تاريخ ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ اهم فوجي حصيدار طور آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کے نمبر