منيلا- 06 ڊسمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي ب??نڪ (اي ڊي بي) پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اي ڊي بي طرفان جاري پڌرائي موجب پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي ۽ اها رقم ٽن مختلف منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي. ب??نڪ جو چوڻ آهي ته فنڊن جي فراهمي جو مقصد پائيدار مع??شي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ آهي. هي مقامي ??سي??ا وڌائڻ ۽ ٻوڏ سبب تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي تي خرچ ٿيندا، انهن فنڊن سان غذائي تحفظ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيل بحران مان نڪرڻ ۾ مدد ملندي. پڌرائي موجب اي ڊي بي جو مقصد پاڪستان جي مع??شي صورتحال ۾ بهتري ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ آهي، ان مان 30 ڪروڙ ڊالر مقامي ??سي??ا وڌائڻ لاءِ پاليسي سڌارن تي خرچ ڪيا ويندا. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته پروگرام جو مقصد ٽيڪس، انتظامي معاملا، مينيجمينٽ جا خرچ ۽ سيڙپڪاري ۾ بهتري آڻڻ آهي. ايشيائي ترقياتي ب??نڪ جي ايشيا بابت ڊائريڪٽر جنرل يوگيني زوڪوف چيو ته فنانسنگ جي هي اهم نئين لهر پاڪستان کي گذريل سال جي بحران ۽ سپر فلڊ جي اثرن مان نڪرڻ ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي راهه تي واپس آڻڻ ۾ مدد ڏيندي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 65 ڪروڙ 88 لک ڊالرن جي قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری آن لائن