اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان بئنڪنگ محتسب سراج الدين عزيز ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب صدر کي اداري جي سالياني رپورٽ پيش ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بئنڪنگ صارفين ک?? 1.26 ارب رپين جو مالي ريليف فر??هم ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته سال 2023ع ۾ بئنڪنگ محتسب جو 25 هزار کان وڌيڪ شڪايتن تي ڪارروائي ڪرڻ خوش آئنده آهي. صدر اداري جي قيام کان وٺي هيستائين شڪايت ڪندڙن ک?? 6.4 ارب جو مجموعي ريليف ڏيڻ تي پڻ ساراهيو. صدر بئنڪ فر??ڊ مت??ثر??ن ک?? فوري انصاف جي فر??همي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب ماڻهن ک?? بنا قيمت انصاف جي فر??همي، گڊ گورننس جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، شڪايتن جي جلد ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، بئنڪن جي بدانتظامي جي خلاف بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ خدمتن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ?? پوندي، بئنڪنگ محتسب بابت آگاهي سان وڌ کان وڌ ماڻهو خدمتن مان فائدو کڻي سگهندا. ملاقات ۾ بئنڪنگ محتسب بئنڪ صارفين جي شڪايتن جي فوري ازالي جي لاءِ بئنڪنگ محتسب جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته بئنڪنگ محتسب تازو ئي آن لائين پورٽل جو صارف دوست نظام متعارف ڪرايو آهي، آن لائين پورٽل سان شڪايت ڪندڙن ک?? پنهنجي شڪايتن جي داخلا ۾ آساني ٿيندي.
صدر آصف علي زرداري سان بئنڪنگ محتسب جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔