اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن، سمورن وڏن قومي ترقياتي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن لازمي ٿيندي، ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي ح??ال?? سان منصوبابندي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا پي ايس ڊي پي پروگرامز جي ح??ال?? سان حڪمت عملي جوڙڻ جي ح??ال?? سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون ??جويزون ??وڙي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف جي صدارت ۾ منصوبابندي واري وزارت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي جي معاملن تي اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام ۾ اهڙا منصوبا آندا وڃن جنهن سان ملڪ جي پائيدار ترقي ممڪن ٿي سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن وڏن قومي منصوبن جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ڪرائي وڃي. هن وزيراعظم جي ترقياتي بجيٽ ۽ پي ايس ڊي پي جي ح??ال?? سان ڪابينا ڪميٽي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اها ڪميٽي پي ايس ڊي پي پروگرام جي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ح??ال?? سان گهٽ مدي، وچولي مدي ۽ ڊگهي مدي واريون ??جويزون ??وڙيندي. وزيراعظم پي ايس ڊي پي پروگرامز ۽ صوبن جي سالياني ترقياتي پروگرام جي ح??ال?? سان وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي ۽ رابطا بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورين وفاقي وزارتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ منصوبن جي ح??ال?? سان تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اقصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.
سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي ذريعي ملڪ ۾ پائيدار ترقي رکندڙ منصوبا آندا وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو