بشڪيڪ – 21 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ورڪنگ وزٽ تي ڪر??زستان جي شهر بشڪيڪ پهچي ويو. شنگهائي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موقعي تي آستانه قزاخستان ۾ ٿيندڙ ملاقات کانپوءِ کيس ڪر??زستان جي پرڏيهي وزير زين بيڪ ڪلوبايف ڪر??ز جمهوريه جي دوري جي دعوت ڏني هئي. ٻنهي وزيرن آستانه کان بشڪيڪ تائين گڏ سفر ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب بشڪيڪ ۾ نائب وزيراعظم ڪر??زستان جي پرڏيهي وزير سان ڪر??ز جمهوريه ۾ پاڪستاني شهرين جي خدشن بشمول پاڪستاني شاگردن کي درپيش تازن مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. نائب وزيراعظم جي پاڪستاني شهرين سان پڻ ملاقات متوقع آهي جيڪي تازن واقعن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيڻ جي ڪري علا?? هيٺ آهن.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔