اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) پاڪستان عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ ۾ امن د??تن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار کي سا??اهيندي چيو آهي ته هو گڏيل قو??ن جي امن مشن جي اصولن جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو ۽ گڏيل قو??ن جي امن مشن جي هڪ حصي جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي بحالي جي لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکڻ جو منتظر آهي. گڏيل قو??ن جي امن د??تن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قو??ن جي امن فوج جي ڇهن ڏهاڪن تي ٻڌل هڪ شاندار تاريخ سان گڏ پاڪستاني امن د??تا بشمول مرد عورتون دنيا جي ڪيترن ئي خطن ۾ تڪرارن جي خاتمي ۽ امن جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ سڀ کان اڳتي رهيا آهن. بيان موجب 235000 کان وڌيڪ پاڪستاني گڏيل قو??ن جي امن د??تن گڏيل قو??ن جي 48 امن مشنز ۾ امتيازي خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، پاڪستان مسلسل گڏيل قو??ن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي تعاون ڪندڙ ملڪن مان هڪ جو مقام برقرار رکي ٿو. بيان ۾ وڌيڪ ??يو ويو آهي ته امن د??تن ۾ شامل 181 پاڪستانين هيستائين ڊيوٽي دوران شهرين جي حفاظت ۽ ان عمل ۾ گڏيل قو??ن جي امن د??تن جي مينڊيٽ کي برقرار رکندي جانين جي قرباني ڏني آهي. بيان موجب پاڪستان کي پنهنجي عورت امن د??تن جي خدمتن تي فخر آهي ۽ هو گڏيل قو??ن جي امن مشن ۾ انهن جي ڪردار کي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، 500 کان وڌيڪ پاڪستاني عورت امن د??تن گڏيل قو??ن جي مختلف مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن ۽ ان عمل ۾ ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ ??يو ويو آهي ته پاڪستان انهن پهرين ملڪن مان هڪ آهي جن گڏيل قو??ن جو 15 سيڪڙو عورت اسٽاف آفيسرز جي مقرري جو هدف حاصل ڪيو، پاڪستان نه رڳو گڏيل قو??ن ۾ سڀ کان وڌيڪ فوجي تعاون ڪندڙ هڪ اهم ملڪ جي طور تي پر دنيا جي سڀ کان پراڻي امن مشنز مان هڪ، ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قو??ن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي ميزبان طور گڏيل قو??ن جي امن جي لاءِ هڪ منفرد موقف آڻي ٿو. پاڪستان گڏيل قو??ن جي امن فوج جي ڪاررواين کي موجوده چئلينجز موجب بشمول آفريقي يونين جي قيادت هيٺ پيس سپورٽ آپريشنز جي ذريعي آڻڻ ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جاري رکيو آهي.
پاڪستان پاران عالمي امن ۽ سلامتي قائم ڪرڻ ۾ امن دستن پاران ادا ڪيل اهم ڪردار جي واکاڻ
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل