اسلام آباد-29 جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بري امام جي عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا ان??ظام ان??هائي غير معمولي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مل?? جي مختلف علائقن ۽ سڄي دنيا مان عرس جي تقريبن ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ پانڌيئڙن کي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ ان??ظامن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن، ??هرو سيڪريٽري، چيف ڪم??نر اسلام آباد، سي ڊي اي چيئرمين، ??پٽي ڪم??نر اسلام آباد، اڳوڻي ايم اين اي حنيف عباسي، جنرل (ر) افضل جنجوعه، راجا سرفراز اڪرم، سهيل اقبال ڀٽي، گوهر زاهد ملڪ، ان??ام رباني، محسن رضا نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ حضرت بري امام رحه جي سالياني عرس مبار?? جي حوالي سان ان??ظامن جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم هدايت ڪئي ته عرس جي موقعي تي سيڪيورٽي جا ان??ظام ان??هائي غير معمولي ڪيا وڃن. هن عرس ۾ شرڪت ڪندڙ عورت پانڌيئڙن لاءِ مزار حضرت بري امام رحه ڪامپليڪس ۾ خاص ان??ظامن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت به ڪئي ۽ چيو ته تقريبن جي دوران پانڌيئڙن کي ڪنهن به قسم جي ڪا به تڪليف نه اچڻ گهرجي. اجلاس ۾ عرس جي ان??ظامن جي سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي به قائم ڪئي وئي جنهن ۾ چيف ڪم??نر اسلام آباد ۽ ڊپٽي ڪم??نر سميت ٻيا عملدار شامل هوندا.
نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ حضرت بري امام ڪامپليڪس جي ترقي ۽ انتظام واري ڪميٽي جو اجلاس
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج