دوشنبي – 02 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني وفد سان گڏ تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دو??ي تي دو??نبي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دو??نبي ايئرپورٽ تي تاجڪ وزيراعظم قاهر رسول زاده، توانائي ۽ پاڻي وسيلن وا??ي تاجڪ وزير دلير جمعه، تاجڪ پرڏيهي نائب وزير فرخ شريف زاده، دو??نبي جي ميئر جمشيد تبرزاده ۽ پاڪستان ۾ تاجڪستان جي ??في?? يوسف شريف زاده، تاجڪستان ۾ پاڪستان جي ??في?? محمد سعيد سرور ۽ اعليٰ سرڪاري ۽ سفارتي عملدارن وزيراعظم جي آجيان ڪئي.
دوشنبي ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪ هم منصب قاهر رسول زاده ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم محمد شهباز شريف دو??نبي ۾ اسماعيل ساماني جي يادگار پهتو ۽ اتي گل رکيا. اسماعيل ساماني وچ ايشيا جي تاريخي شخصيت ۽ تاجڪستان جو قومي هيرو آهي جنهن نائين ۽ ڏهين صديءَ ۾ تاجڪستان ۽ خراسان جي علائقي تي حڪومت ڪئي ۽ تاجڪ قوم کي تاريخي ترقي جي راهه تي گامزن ڪيو.