اسلام آباد-07 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقويءَ شه??ين کي عالمي معيار جون تفريحي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙن تي سڀ کان وڏي ماحول دوست چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. مجموعي طو?? تي 5 هزار جانور، پکي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ۾ رکيا وي??دا. گهرو وزير جي صدارت هيٺ ??ي ڊي اي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو وي??. ??ي ڊي اي چيئرمين محمد علي رنڌاوا چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ واري پراجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته په??ين مرحلي ۾ 2 هزار جانور ۽ پکي رکيا وي??دا. گهرو وزير محسن نقوي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جي ورلڊ ايسوسيئيشن آف زو اينڊ ايڪوريم کان ر??سٽريشن ڪرائڻ ۽ منصوبي سان سلهاڙيل معاملا جلد طئي ڪرڻ جي هدايت ڏئي ڇڏي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته سمورن معاملن کي حتمي شڪل ڏني وڃي. آڪٽوبر ۾ چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ جو بنياد رکيو وي??دو. چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ سان اسلام آباد جي سياحت ۾ اضافو ٿيندو.
گهرو وزير محسن نقويءَ پاران اسلام آباد ۾ 200 ايڪڙ ايراضي تي چڙيا گهر ۽ سفاري پارڪ ٺاهڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil