اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين جي مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار فلسطين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير احمد جواد عبدالعزيز ر??بع?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم فلس??ين?? عوام ۽ ان جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن 7 آڪٽوبر 2023ع کان جاري غزه ۾ معصوم فلس??ين??ن جي خلاف اسرائيل جي جارحاڻي ڪاررواين جي شديد مذمت ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن ??ميت 40 هزار کان وڌيڪ بيگناهه فلس??ين?? شهيد ۽ 90 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. وزيراعظم ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطين جي مسئلي جو منصفاڻو ۽ پائيدار حل ڳولڻ جي ڪوشش جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته گڏيل قومن ڪيترين ئي قراردادن موجب 1967ع کان اڳ واري سرحدن ۽ المقدس جي گادي واري هنڌ جي طور تي فلسطين جي هڪ آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي. احمد جواد عبدالعزيز ر??بع?? پنهنجي 5 سالا مقرري واري دور ۾ پاڪستان پاران بهترين مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن فلسطين جي مسئلي تي پاڪستان جي تاريخي ۽ ٺوس موقف ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ عالمي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. احمد جواد عبدالعزيز ر??بع?? فلس??ين?? شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم مڪمل ڪرڻ جي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ وظيفن جي آڇ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا مڃيا.
فلسطين جي آزاد رياست جو قيام ئي ان مسئلي جو پائيدار حل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کا عروج