راولپنڊي-29 آگسٽ (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا عمان جي سرڪاري دؤري دوران نائب وز??راعظم، بچاءَ واري وز??ر ۽ شاهي درٻار جي وز??ر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون. آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سلطنت عمان جو سرڪاري دؤرو ڪيو. جنرل ساحر شمشاد مرزا نائب وز??راعظم ۽ بچاءَ واري وز??ر سيد شهاب بن طارق بن تيمور سان ملاقات ڪئي. هن شاهي درٻار جي وز??ر جنرل سلطان بن محمد الناماني سان به ملاقات ڪئي. چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا پنهنجي دؤري دوران چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل عبدالله بن خميس الرئيسي، سروسز چيفس ۽ چيئرمين آف ڊفينس اڪيڊمي سان به ملاقاتون ڪيون. ڌار ڌار ملاقاتن دوران تربيت، سيڪيورٽي، دهشتگرديءَ جي خاتمي، دفاعي صنعت سميت عسڪري تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ اسٽريٽجڪ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عسڪري لاڳاپن کي واڌ ڏيڻ تي به ڳالهيون ڪيون. عماني عملدار?? دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي عوام ۽ هٿياربند فوج جي قربانين جو اعتراف ڪيو.
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا جو عمان جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ