اسلام آباد-02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس مئنيجمنٽ اٿارٽي وف??قي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ موسم جي خرابي سبب ڪيترين ئي اڏامن جو رخ لاهور طرف موڙي ڇڏيو آهي. پاڪستان ايئرپورٽس مئنيجنمنٽ اٿارٽي جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق اسلام آباد ۾ موسم جي خرابي سبب 4 اڏامن جو رخ لاهور طرف موڙيو ويو آهي. ترجمان چيو ته انهن اڏامن ۾ اي آر 808 جيڪا رياض کان اسلام آب??د، ٻئي اڏام پي اي 271 جد?? کان اسلام آب??د، ٽئين اڏام پي ايف 123 ڪراچي کان اسلام آباد جڏهن ته چوٿين اڏام پي ڪي 895 ڪوالالمپور کان اسلام آباد شامل آهن، انهن جو رخ لاهور طرف موڙيو ويو.
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش