نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ تڪرار جي حل ۽ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي ??سل ڪشيءَ جي ??هم جي شديد مذمت ۽ غيرمشروط فوري جنگبندي جو پڻ مطالبو ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي ??چ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبيل جي اجلاس جي ??وقعي تي ملاقات ٿي. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ”مستقبل جي سربراهي“ ڪانفرنس منعقد ??رڻ جي آجيان ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان جي ??تيجن سان اسرندڙ ملڪن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) ۽ موسمياتي هدفن کي لاڳو ??رڻ جي ??اءِ مالياتي خال ۽ نظام کي بهتر ??رڻ ۾ مدد ملندي. سيڪريٽري جنرل کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي وزيراعظم والاريل واديءَ ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ تڪرار کي حل ??رڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??اڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ۽ ڪشميرين جي خودمختياري جي حق کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ پنهنجي اثر رسوخ جو استعمال ڪري. وزيراعظم فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي ??سل ڪشيءَ جي ??هم جي شديد مذمت ڪئي ۽ فوري ?? غيرمشروط جنگبندي جو مطالبو ڪيو. هن عالمي برادري تي پڻ زور ڏنو ته هو اسرائيل جو احتساب ڪري. وزيراعظم خودمختيار رياست فلسطين جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي ??يام جي ??اءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم اسلامو فوبيا جي ??ڌندڙ لهر ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ کي روڪڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن سال 26 – 2025ع جي ??اءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي عالمي امن ۽ سلامتي جي ??اءِ فعال ڪردار ادا ??رڻ جي ??اءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??عال شموليت سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شرڪت ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي ??يام جي ??اءِ پاڪستان جي ڪردار تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا.
وزيراعظم جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي جارحاڻي ڪاررواين تي پاڪستان جي شديد ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis