اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ گذريل رات پيش ايندڙ المناڪ واقعي جي پرزور مذمت ڪئي آهي ج??هن ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته کيس گذريل رات ڪراچي ۾ ان ڪڌي واقعي تي گهرو صدمو پهتو آهي. اسان ان واقعي جي پرزور مذمت ڪريون ٿا ۽ چيني قيادت، چيني عوام ۽ فوت ٿيندڙن جي خاندانن سان دل?? تعزيت جو اظهار ڪريون ٿا. هن زخمي چيني شهري جي جلد صحتيابي جي به دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسند پاڪستاني نه ٿا ٿي سگهن پر اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ان ?? ملوث عنصرن جي نشاندهي جي لاءِ جاچ جاري آهي ته جيئن ا??هن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي چين?? دوستن جي تحفظ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان ا??هن جي سلامتي ۽ حفاظت جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏينداسين.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر